زاهد اڪرم دراني قومي اسيمبلي جو بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو زاهد اڪرم دراني قومي اسيمبلي جو بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو. نئين چونڊيل  ڊپٽي اسپيڪر کان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف حلف ورتو، نئين چونڊيل ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته مون کان اڳ واري ڊپٽي اسپيڪر هِن عهدي جو وقار مجروح ڪيو آهي، آئون ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي جو وقار بحال ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس. آئون پوري قوم سان واعدو ڪريان ٿو ته هن عهدي جو وقار بحال ڪندس ۽ سدائين آئين ۽ قانون جي پابندي ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.