ناظم جوکيو قتل ڪيس: چالان پيش نه ٿيو، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

 

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو.

عدالت دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته واقعي کي ايترو وقت گذري ويو آهي پر هيل تائين حتمي چالان پيش ناهي ڪيو ويو.

عدالت پاران پراسيڪيوشن  کي حتمي چالان جمع ڪرائڻ جي لاءِ 26 جنوري تائين مهلت ڏني وئي.

واضح رهي ته مقتول جي وارثن جو الزام آهي ته پ پ ايم پي اي ڄام اويس مهمانن جي ويڊيو وائرل ڪرڻ تي ناظم جوکيو کي قتل ڪيو، ناظم جو لاش ڪراچي جي علائقي ملير جي ميمڻ ڳوٺ ويجهو هٿ آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.