نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي، ھٿياربند قمرالدين جت جي ڪارخاني جا تالا ٽوڙي ڪمري ۾ ستل قادر بخش جت، ناصر جت، شاهد جت، وزير جت کي يرغمال بڻائي کانئن ٽي عدد موبائل فون ڦر ڪري کين اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي شاھد جت کي بندوق جا قنداڪ هڻي زخمي ڪيو ويو، رڙين تي ڀرپاسي جا ماڻهو جاڳي پيا، جن فائرنگ ڪري ڏني، ھٿياربند اوندهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.