سون جي في تولي اگھه ۾ اڄ به وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن سون جي في تولي اگھه ۾ واڌ ٿي آهي.

سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ ملڪ ۾ سون جي في تولي اگھه ۾ 400 رپيا واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ سون جو في تولو وهڪرو هڪ لک 25 هزار 150 رپيا ٿي ويو آهي.

اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جي قيمت 343 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 7 هزار 296 رپيا آهي.

ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافا بازار ۾ سون جو قدر 2 ڊالر گھٽجي 1819 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.