شگر ملون بند ڪري معاشي قتل ڪيو ويو:هاري تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)  سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي اڳواڻ اسماعيل خاصخيلي، انور رند ۽ اياز ڪلوئي پنهنجي  گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪمند لهڻ شرط ئي شگر ملون بند ڪري آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت زرداري شگر مل مافيا جي سرپرستي ڪندي ملن جي مالڪن کي هارين ۽ آبادگان جي معاشي قتل ڪرڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. هڪ ته ملون ڪمند جي فصل لهڻ کانپوءِ گهڻو دير ٿيون کلن جنهن ڪري ڪمند ٻنين ۾ بيٺي بيي سڪي ٿو مٿان وري جڏهن ملون کلن ٿيون ته ملن جا مالڪ ڪمند جو اگهه ڪيرائڻ لاءِ ملن کي ڪيترائي ڏينهن بند ڪري هارين ۽ آبادگارن مٿان ظلم ڪري رهيا آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند کي ملن تائين پهچائڻ لاءِ ڪي به سواري جا انتظام ناهن ڪيا مٿان وري آبادگار جڏهن پاڻ ئي ڪمند کي ملن تائين پهچائين ٿا ته ملن جا مالڪ اگهه ڪيرائڻ لاءِ ملون بند ڪري ڪمند سان ڀريل ٽرالن کي ڏينهن جا ڏينهن بيهاري ڪمند کي سڪائڻ سان گڏ ٽرالرن ۽ ٽرالين جي اضافي ڪراون جو نوڙ به هارين ۽ آبادگارن جي ڳچي ۾ وڌو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته شگر ملون فورن کوليون وڃن ۽ ڪمند جي في مڻ جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 500 روپيا مقرر ڪري ملن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي مقرر اگهن کان گهٽ اگهن تي ڪمند نه وٺن. دير سان ملون کوليندڙ ملن جي مالڪن کي گرفتار ڪري سندن سموري ملڪيت ضبط ڪري ملن کي قومي تحويل ۾ ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.