گهوٽڪي لڳ ٻن مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو ٻن مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، گھوٽڪي جي قادري فيڪٽري جو رهواسي غلام رسول شيخ گهوڙي گاڏي تي شهر ايندي سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرجي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گهوڙي گاڏي سوار زخمي ٿي پيو.حادثي جو اطلاع ملڻ بعد زخمي جو پٽ به اسپتال ايندي موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي به اسپتال منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن گهوٽڪي ڀرسان رنگ جو ڪم ڪندڙ پورهيت مزدوري تي ويندي باءِ پاس تي سروس تان لهندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ محرم گهوٽو ۽ منير گهوٽو زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

  • پٻڻ پوليس جي منشيات  فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊو حيدر (ن ع آ) پٻڻ پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري ٽنڊو حيدر واٽر سپلائي لڳ منشيات فروش  پنج ليٽر ڪچي شراب سوڌو گرفتار ڪيس داخل.خبر موجب ۔ پٻڻ ٿاڻي جي حد ٽنڊو حيدر واٽر سپلائي ڀرسان پوليس پوسٽ انچارج اي ايس آء شاهد درس گشت دوران منشيات فروش جمشيد عرف جمشو خاصخيلي کي پنج ليٽر ڪچي شراب سوڌو گرفتار ڪري پٻڻ ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو رابطو ڪرڻ تي انچارج شاهد درس ٻڌايو ته منشيات فروش شراب پيئڻ سميت  وڪرو ڪندڙ هو جنهن کي ثابتي سان گرفتار ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.