هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهو غربت ڏانهن ڌڪجي ويا: معاشي ماهر

اسلام آباد(م ڊ) معاشي ماهر حفيظ پاشا چيو آهي ته واپاري خسارو 50 ارب ڊالر تائين وڌڻ جو امڪان آهي، هلندڙ سال اوسر جي شرح 3 سيڪڙو رهندي، قرضن ۾ اضافي تي 13 کان 14 ارب ڊالر ساليانو اضافي ڀرڻا پوندا، درآمد وڌڻ سان معاشي اوسر جي شرح گهٽجندي، مهانگائي ۾ گهٽتائي نظر نه پئي اچي، وڌيڪ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، 38 کان 40 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، هن چيو ته احساس پروگرام سٺوپروگرام آهي، ان جو سائيز وڌائڻو پوندو، هڪ اندازي مطابق هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ ويا آهن، پاڪستان کي هن سال 30 ارب ڊالرن جي ضرورت پوندي، روانگي واپار هر صورت ۾ وڌائڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.