پرڏيهه ۾ فوت ٿيل شخص جو جگر پاڪستاني مريض کي لڳايو ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهه ۾ فوت ٿي ويل شخص جو جگر پاڪستاني مريض کي لڳايو ويو.

پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جي سربراهه ڊاڪٽر فيصل سعود موجب ابوظهبي ۾ فوت ٿي ويل پاڪستاني شهري جو جگر ۽ گڙدو خاص جهاز ۾ پاڪستان آندا ويا، جيڪي پاڪستان ۾ مريض کي لڳايا ويا.

پي ڪي ايل آءِ جي سربراهه موجب ابوظهبي ۾ فوت ٿي ويل پاڪستاني شخص جا عضوا پي ڪي ايل آءِ لاهور ۾ ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، بعد ۾ عضون جي عطيي سان ٻن پاڪستاني مريضن جي حياتي بچائي وئي ۽ ٻئي مريض صحتياب آهن.

ڊاڪٽر فيصل سعود ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ ابوظهبي مان ڪليولينڊ ڪلينڪ جي 4 رڪني ٽيم پاڪستان آئي هئي، پاڪستان ۽ يو اي اي عضون جي عطين جو رجحان وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.