گهر ڀرسان لنگهڻ تان همراهه کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ۽ تذليل

 

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ گهر ويجهو گذرڻ تان جوابدارن هڪ شخص کي  ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد ۽  تذليل جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب واقعو لياقت پور جي علائقي نور والا ۾ پيش آيو، جتي جوابدارن متاثر شخص تي بدترين تشدد ڪري کيس ڪپڙن کان آجو ڪري مُڇون، ڀرون ۽ مٿي جا وار به ڪوڙي ڇڏيا.

پوليس متاثر شخص کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪري 10 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.