سياري جي موسم ۾ ٻارن کي کنگهه کان ڪيئن بچائجي؟

سياري جي موسم ايندي ئي جتي مختلف بيماريون هر عمر جي ماڻهو کي متاثر ڪن ٿيون اتي ئي ٻار سڀ کان پهريان ان جو شڪار ٿين ٿا، سياري جي موسم ۾ ٻارن کي جيڪڏهن رڳو ٻن جُزن جو مرڪب بڻائي چٽايو وڃي ته هنن  جي سياري جي موسم سولائي، سڪون ۽ آرام سان گذري ويندي.

اسان صدين کان پنهنجي گھر ۾ موجود وڏڙن کي گھريلو ٽوٽڪن ذريعي موسمي بيمارين کان بچاءَ ۽ ان جي علاج جون تدبيرون ڪندي ڏسندي وڏا ٿيندا آيا آهيون، گھر ۾ بزرگن جي هوندي به جيڪڏهن ٿوري ٿوري ڳالهه لاءِ ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پوي ته سمجهي وڃو ته گھر ۾ موجود انهن تجربيڪار ماڻهن جي مدد نه پئي ورتي وڃي.

نانين ڏاڏين سميت جڙين ٻوٽين سان علاج ڪندڙ طبيبن طرفان به قدرتي رسُ صدين کان دوا جي طور تي استعمال ڪئي ويندڙ ماکي کي سئو بيمارين جو علاج قرار ڏنو ويندو آهي.

غذائي ماهرن موجب ماکيءَ جو تاثير گرم هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ هڪ ٻيو سپر فوڊ قرار ڏنل گرم مصالحو ”دار چيني“ جو پائوڊر بڻائي ماکي ۾ شامل ڪري استعمال ڪيو وڃي ته ٻار سميت گھر ۾ وڏن کي به ڳلي جي خرابي، خشڪ کنگهه، نزلي ۽ زڪام کان بچائي سگھجي ٿو.

ماهرن طرفان تجويز ڪيل طريقي موجب ماکي ۾ دار چيني جو ٿورو پائوڊر مڪس ڪري تيار ٿيندڙ مرڪب هڪ بهترين ديسي دوا جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو جنهن جا فائدا متاثر ڪندڙ هوندا آهن.

ان مرڪب کي ٻارن کي سياري جي موسم جي شروعات کان آخر تائين ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا ضرور چٽايو، ان کي دوا طور وڏي عمر جا ماڻهو به استعمال ڪري سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.