سڏجي ٿو، ھي سائبيريا جي ٿڌن علائقن مان وڏا

تحرير : محمد رمضان شورو جي پوسٽ

ھن پکي کي سنڌيءَ ۾ تلور ۽ انگريزي ۾ Houbarabustard سڏجي ٿو، ھي سائبيريا جي ٿڌن علائقن مان وڏا ڪشالا ڪندو، لڪ لتاڙيندو پھرين اچي افغانستان جي جبلن تي پڙاءُ ڪري ٿو، جتان گرين روٽ يا گرين فلاءِ اور ذريعي پاڪستان جي مٿين علائقن مان ٿيندو اچي سنڌ کي پنهنجو مسڪن بڻائي ٿو، ھي ھن وقت خطري واري حد تي پھتل ناياب نسل جي پکين واري لسٽ ۾ شام آ ھي، جن جي ختم ٿي وڃڻ جو خدشو آهي، ھن جي ڪري ئي ٿر ۽ سنڌ جي ڪوھستاني پٽي کي رامسر سائٽ قرار ڏنو ويو آهي، واضح رهي ته رامسر سائٽ ۾ اھڙو علائقو يا پاڻيءَ جو ذريعو شامل ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪنهن ناياب جانور، پکي يا وڻ ٻوٽي جي جنس موجود ھجي. ھتي پھچڻ شرط تلور ٻاهرين ۽ مقامي شڪارين جي ور چڙهي وڃي ٿو، خاص ڪري عرب امارات جا شھزادا ته سرڪاري پروٽوڪول ۾ ته تلور جو بي دريغ شڪار ڪن ٿا، ڪافي دفعا ته ڪورٽن به نوٽيس ورتو آهي پر حڪومت جو چوڻ آهي ته اھو اسان جو معاشي ۽ سفارتي مسئلو يا مجبوري آهي ڇو ته ان جي عيوض عرب ملڪ کين لکين ريال معاوضو ڏين ٿا، ھاڻي ته عرب سڳورن پاڻيءَ جي ٻين پکين جو به ڪجهھ سالن کان شڪار ڪرڻ شروع ڪيو آهي، آمين ۽ ڦاپين جا شڪار ته پراڻي ڳالهه آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.