حيدرآباد واسي نوجوان 3 مهينن کان گم، صدمي ۾ امڙ هوش وڃائي ويٺي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي بهاول زنئور مان نوجوان 3 مهينن کان پراسرار نموني گم هئڻ سبب سندس امڙ صدمي ۾ هوش وڃائي ويٺي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان محمد عمر زنئور 3 مهينا اڳ رٺل زال کي پرچائڻ لاءِ ٽنڊو محمد خان وڃڻ جو چئي نڪتو هو، جيڪو اڃا تائين واپس نه موٽيو آهي. نوجوان جي والد صحبت زنئور جو چوڻ آهي ته هن پٽ جي گمشدگي بابت ٽنڊو محمد خان ۽ پٻڻ ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي، پر پوليس پٽ جي ڳولا ۾ سندس ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته سندس پورهيت پٽ جي لاڳيتو گمشدگي سبب صدمي ۾ سندس زال هوش وڃائي ويٺي آهي، جڏهن ته سندس هڪ پٽ اڳ ئي حادثي دوران فوت ٿي ويو هو ۽ ٻيو پٽ لاڳيتو 3 مهينن کان گم هئڻ سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن سندس گم ٿيل پٽ واپس موٽي سگهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.