ڪابل ۾ هزارين شهرين جا آمريڪي قدمن خلاف مظاهرا

ڪابل(م ڊ) افغانستانجي گادي واري شهر ڪابل ۾ هزارين شهرين ملڪ جي 9 بلين ڊالر کان وڌيڪ جا اثاثا فريز ڪرڻ جي آمريڪي قدمن  خلاف مظاهرو ڪيو ۽اثاثن جي بحالي جو مطالبو ڪيو . چيني خابرو اداري موجب گذريل سال آگسٽ ۾ آمريڪي ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي فوج جي واپسي ۽ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ آمريڪا افغانستن سينٽرل بينڪ جا 9 بلين ڊالر کان وڌيڪ جا اثاثا فريز ڪري ڇڏيا . جڏهن ته ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف فنڊز جي فراهمي روڪي ڇڏي جنهن سبب افغان معيشت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي .

  • ن ليگ ۽ پ پ جي اڪائونٽن جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا، وٽن ڪو رڪارڊ ناهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن فنڊنگ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پارٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ جا 9 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.