گورننس ۾ مشڪلات آهن، احتساب ۾ اڳڀرائي نه ڪري سگهياسين: ذلفي بخاري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ ذلفي بخاري چيو آهي ته اليڪشن وڙهڻ لاءِ برطانوي شهرت ڇڏي ڏيندس، پاڪستان شفٽ ٿي چڪو آهيان،واپسي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، گورننس جي رستي ۾ مشڪلات آهن، هڪي خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پارٽي جي گورننس ۽ ايڊمنسٽريشن بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪهڙي طرح مشڪلات پيش اينديون ان جي توقع نه هئي، مسئلا تمام گهڻا آهن، 5 سالن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، بيوروڪريسي کي ان طرح هينڊل نه ڪيو جهڙي طرح ڪرڻ گهرجي ها، خان صاحب عوام جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي، تحريڪ انصاف جي حقيقي اپوزيشن رڳو مهانگائي آهي، هن چيو ته احتساب جي معاملي تي ڪا وڏي اڳڀرائي نه ڪري سگهياسين،احتساب اسان جو نعرو هو ان تي بهتر نموني ڪم ٿي پئي سگهيو، منهنجي حوالي سان وزيراعظم کي گمراهه ڪيو ويو، رنگ روڊ نقشي جو فائدو ڪنهن مليو، ان جي سڀني کي خبر پئجي سگهي ٿي، هن چيو ته هميشه تحريڪ انصاف مان اليڪشن وڙهندس، ايندڙ اليڪشن هر حال ۾ پنهنجي تڪ  تان وڙهندس، پنهنجي سٺي ڪم کي سياسي طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، سياسي اپوزيشن وکريل آهي، اسان کي عدالتي سڌارا آڻڻا هئا جيڪي نه ڪري سگهياسين، اهو سچ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر اها سڄي دنيا ۾ آهي، وزيراعظم کي عوام لاءِ ڳڻتي آهي، ڪنهن به وڏي وزير کي سياسي ۽ مالي خودمختياري هئڻ  گهرجي، پنجاب جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تنقيد ته وڏي ڪئي وڃي ٿي پر اهو ڪو نٿو ٻڌائي ته خرابي ڪٿي آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.