قيدي کي پيش نه ڪيو ويو ته وزير اعظم کي پيش ٿيڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) جوابدار عارف گل کي قيد ۾ رکڻ بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار کي پيش نه ڪيو ويو ته وزير اعظم کي طلب ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ جوابدار عارف گل کي قيد رکڻ بابت درخواست تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي  ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عارف گل حراستي مرڪز ۾ آهي، کيس عدالت آڻڻ مشڪل آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا عارف گل کي پيش ڪرڻ سان سپريم ڪورٽ جي عمارت اڏامي ويندي؟. حڪومت جي ادارن ۾ ڪرپشن آهي ته عدالت ڇا ڪري، 2019 کان هيل تائين معاملي تي جاچ هلي رهي آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته عارف گل کي پيش نٿا ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي تالو لڳائي ٿا ڇڏيون.

ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي پاران جوابدار کي پيش ڪرڻ بابت مهلت جي استدعا ڪئي وئي، جيڪا عدالت رد ڪندي چيو ته عارف گل کي اڄ ئي پيش ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته جوابدار عارف گل کي پيش نه ڪيو ويو ته وزير اعظم کي گهرائينداسين، عارف گل کي اڄ ئي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت وٽ ڊفينس جي مشينري کي به گهرائڻ جو اختيار آهي.

وقفي کانپوءِ ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ٿي ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي موقف اختيار ڪيو ته رستو تمام ڊگهو آهي، جوابدار کي پيش نٿو ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ جوابدار عارف گل کي سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.