بلاول جو زخمي ن ليگ ايم پي اي بلال ياسين سان رابطو، خيريت معلوم ڪئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ زخمي ٿيندڙ ن ليگ پنجاب اسيمبلي ميمبر بلال ياسين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خيريت معلوم ڪئي.

بلال ياسين موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ بلاول خيريت معلوم ڪئي ۽ حملي جي مذمت به ڪئي، جڏهن ته اسپتال ۾ اسلم گل به عيادت ڪئي.

بلال ياسين وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت شهباز ۽ سلمان شهباز به فون تي طبعيت جو پڇيو.

واضح رهي ته لاهور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ن ليگ ايم پي اي بلال ياسين زخمي ٿي پيو هو ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.