”ن ليگ وارا  پالش لاءِ تيار آهن پر ڪير بوٽ اڳتي نٿو وڌائي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد  چوڌري ن ليگ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جيڪي ڏيهه واپس اچڻ لاءِ ڊيلن جو انتظار ڪري رهيا آهن، اهي سياست ۾ ڄامڙا ئي رهندا.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ن ليگ وارا بوٽ پالش ڪرڻ جو سامان کڻي بيٺا آهن پر ڪير بوٽ اڳتي نٿو وڌائي.

هن چيو ته اوهان پاڪستان جو اونداهو وقت آهيو ۽ هوائن جو رخ اوهان جو ناهي، روشني اچي ته اونداهي ختم ٿي ويندي آهي ۽ پاڪستان ۾ اهو ئي ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.