ننگرپارڪر ۾ ڪتن جو آزار، شهري غيرمحفوظ

مٺي(بيوروچيف)ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ سوندر، ڊاڀو، مالسريو، ڳونڳا ويري، سومريٽ، موکئي کيپليون ۽ ڀرپاسي رولو  ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب ڪُتان روزاني جهنگ ۾ ڀاڳين جو چوپايو مال ماري رهيا آهن، هفتي اندر ڪُتن ڪيتريون ئي ٻڪريون ۽ رڍون ماري ڇڏيون آهن، اُنهي سلسلي ۾ ڀاڳين عبدالستار، محمد سڄڻ، محمد عباس، وليداد راڄڙ، محمد يوسف، سومرو ڀيل، ميارام ميگھواڙ، چنو ڪولهي، ميانداد مھر، مهراڻ مھر ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڳوٺن ۾ رولو ڪُتن جو آزار وڌي ويو آهي،ڪُتا روزاني جهنگ ۾ اسان جو چاپو مال ماري رهيا آهن، هفتي ۾ ڪُتن وڏي انگ ۾ ٻڪريون ۽ رڍون ماري ڇڏيون آهن، جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون،هنن مطالبو ڪندي گُهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي انتظاميا ڪُتا مار مهم شروع ڪري اسان کي نقصان کان بچائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.