داد لغاري لڳ پورهيت پر اسرار نموني گم، اغوا شڪ

داد لغاري ( ن ع آ )  داد لغاري ويجهو ڳوٺ چوهڙ پتافي جو موٽرسائيڪل ڪرائي تي هلائي پنهجو گذر سفر ڪندڙ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان  شبير سنديلو جو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو جڏهن ته نوجوان جا وارث مسلسل ڳولا ڪرڻ باوجود پتو نه لڳڻ تي سخت پريشان آهن ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي پاران وارثن کي گهرائي نوجوان شبير سنديلو جو فون نمبر پڻ ٽريس ڪرايو ويو، جنهن جي ڪال جي آخري لوڪيشن ڪچي طرف ملڻ تي سندس پيرسن امڙ کي پڻ بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن جڏهن پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي پيءُ الله بخش سنديلو پنهجن گهرڀاتين سميت داد لغاري پريس ڪلب  پهچي لڙڪ لاڙيندي تڪ جي چونڊيل نمائندن، آءِ  جي سنڌ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي  ته شبير سنديلو منهجو  اڪيلو پٽ آهي جيڪو موٽرسائيڪل ڪرائي تي هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهي هن چيو ته گذريل ڏينهن صبح جو ساجهر داد لغاري مان هڪ نامعلوم شخص کي موٽرسائيڪل تي ڪرائي تي ڏهرڪي پهچائڻ ويو جتان وري خبر ناهين ڪنهن ان کي موٽرسائيڪل ڪرائي تي ڪچي طرف وٺي وڃي ان کي اغوا ڪرايو آهي، جنهن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي.  جنهن جي پريشاني ۾ گهر جا سڀ ڀاتي بيمار ٿي پيا آهن فون لوڪيشن پڻ ڪچي طرف ملي ٿي اسان جي ڪنهن سان به دشمني ڪونهي اسان انتهائي مسڪين آهيون،  ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽس وٺي منهجي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ پٽ شبير سنديلو کي بازياب ڪرائي اسان جي پريشانين کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.