احمد پور لڳ ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 2 ڄڻا آزاد

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ پيارو اڄڻ جي رهواسي الهڏنو اڄڻ وڪيل محمد عظيم ناريجو جي معرفت سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ درخواست ڪئي ته برادي جتوئي ٿاڻي جي پوليس سندس پٽ گلزار اڄڻ کي رستي تان بيگناھ گرفتار ڪري سخت تشدت جو نشانو بڻائڻ بعد ڏيڍ لک رپيا روڪ، موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون کسي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس آزاديءَ لاءِ پوليس 50 هزار رشوت گهري رهي آهي جنهن بعد سيشن جج خيرپور مئجسٽريٽ سول جج پيرجوڳوٺ کي اهڙو حڪم ڏنو جنهن برادي جتوئي ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل نوجوان گلزار اڄڻ ۽ اختيار شيخ کي آزاد ڪرايو ويو آهي جنهن بعد عدالت ايس ايڇ او  رحمت الله سولنگي ۽ وڏي منشي علي رضا ميتلو سپاھي انور پنھور کي سڀاڻي (اڄ) رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.