روٽيشن پاليسي: وڏو وزير جزوي طور آفيسرن جي بدلين تي راضي

ڪراچي (م ڊ) وفاق جي روٽيشن پاليسي تحت آفيسرن جي بدلي جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جزوي طور آفيسرن کي رليف ڏيڻ تي اتفاق ڪيوذريعن موجب عهدو ڇڏڻ جا خواهشمند آفيسر سڀاڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪندا، ملاقات کانپوءِ پوليس آفيسر ۽ انتظامي گروپ جا آفيسر عهدا ڇڏي وينداذريعن جو چوڻ آهي ته روٽيشن پاليسي تحت جيڪي آفيسر سنڌ ڇڏڻ چاهين ٿا انهن کي نه روڪيو ويندو پر سنڌ حڪومت نه ڇڏڻ چاهيندڙ آفيسرن کي رليو نه ڪيو ويندوان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڪثر پوليس آفيسر روٽيشن پاليسي تحت چارج ڇڏڻ چاهين ٿا پر ڪجهه آفيسر سنڌ ڇڏڻ نٿا چاهين. ياد رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ٻه ڏينهن اڳ بدلي ڪيل آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.