درياخان مري لڳ اسڪول جي عمارت زبون، چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد زخمي، احتجاج

درياخان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ رسول بخش سومرو ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب معصوم شاگرد عبدالوھاب سومرو سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي فوري طور تي علاج لاءِ  اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي شاگرد کي اسپتال مان علاج بعد کيس گھر روانو ڪيو ويو صحافين سان ڳالھائيندي اسڪول جي استاد احمد حسن چنه، غلام حسين سومرو ،فدا حسين سومرو، غلام مرتضي سومرو، علي بخش سومرو ۽ ٻين ڳوٺاڻن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ مڪمل طور تي ناڪاره ھجڻ سبب ڪافي وقت کان اسڪول جي بلڊنگ جي ڇت جا چاپڙ ڪري رھيا آھن ۽ڪيترا ئي ڀيرا شاگرد زخمي پڻ ٿي چڪا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته ڊي سي نوشھرو فيروز ورڪس اينڊ سروس ڊي اي او اسڪولس سميت چونڊيل نمائندن کي پڻ اسڪول جي بلڊنگ بابت لکت م درخواستون ڏنيون آھن مگر ھن مھل تائين عمل ناھي ٿي سگھيو ڳوٺاڻن تعليم جي صوبائي وزير ڪمشنر شھيد بينظير آباد ورڪس اينڊ سروس جي اعلي عملدارن کان گھر ڪئي ته پرائمري اسڪول رسول بخش سومرو م اسڪول جي بلڊنگ ڏئي بيچيني ختم ڪن.

  • سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيو پيا: سيف الله بلو

سکر ( رپورٽر ) ڊپٽي سيڪريٽري سيف ﷲ بلو صبح سوير ورڪرز پرائمري اسڪول ميرپور ماٿيلو اسيمبلي ۾ پهتو جتي اسڪول جي هيڊ ماستر آصف بلو سميت استاد فيروز احمد، راشد حسين، علي حسن، عبدالحڪيم مڱريو، علي نواز شاھ، غلام رسول، شهباز لنڊ، ڊرائنگ ٽيچر اشفاق احمد، ابصار احمد، وقار علي سومرو، ليڊي ٽيچر ۽ اڪيڊمڪ اسٽاف محمد ڪامران، وزير علي، حضور بخش، بنگل خان، راشد علي، امجد علي، غلام مصطفا، رياض احمد، رضوان علي، عرفان علي غير حاضر هجڻ ڪري سموري عملي کي وارنگ ڏيندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ان کان علاوه ورڪرز پرائمري اسڪول خيرپور، ورڪرز پرائمري اسڪول ڏهرڪي، ورڪرز پرائمري اسڪول سکر ۽ ورڪرز ماڊل هاءِ اسڪول جو پڻ دورو ڪيو، پنهنجي دوري دوران هن ملازمن ۽ استادن کي تنبيهه ڪندي چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن ۾ قائم ورڪرز اسڪولن ۾ مزدورن جي ٻارڙن کي مفت تعليم ۽ تعليمي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن تعليم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ليبر ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير سعيد غني، سيڪريٽري محمد بچل راهپوٽو ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن ميڊم شهلا ڪاشف جي هدايتن تي سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن جي اسڪولن جا بار بار دورا ڪري رهيو آهيان غير حاضر ۽ دير سان ايندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بايوميٽرڪ نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي.

  • ڪوٽڙي ڪاليج ۾ اسپورٽس پروگرام، فرسٽ ائير جي ٽيم ڪامياب

ڪوٽڙي ( پ ر ) گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي  ۾ جاري انٽر ڪلاس اسپورٽس گالا جي ٿرو بال ٽرافي فرسٽ ائر اي کٽي ورتي. فائنل ۾ کٽيندڙ ٽيم بي اي ون کي 2-1 تان شڪست ڏئي ـ ايونٽ ۾ فرسٽ ائر سي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، تقريب ۾ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر رخسانه پروين جوڻيجو، گالا آرگنائيزر چيف ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ريحانه ڀٽي، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن عائشه ارم ۽ ٻين استادن انعام ورهايا.ان موقعي تي پروفيسرز شاهين انڙ، شيرين سومرو، شڪيلا ميمڻ، فرزانه نثار، نسرين، بشرا شيخ، رخشنده شاهه، شازيه سومرو، سڪينه سومرو، شازيه بلوچ، افشين نعمان، حميده ميربحر، وڪيلا مغل، زيب النسا، خوش بخت صديقي، رافيعه سبحاني، شمائله بخاري، ميمونہ واگن، شهناز، زمرد، فوزيه ابڙو، حنا سومرو، حميده کوکر، نصرت کوسو، ارشاد درس، آمنه ميمڻ، حاڪم زادي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.مقابلن ۾ ڪاليج جي پروفيسرن، ڪلاس ٽيچرز ۽ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي، گالا جو انعقاد چيف ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ريحانه ڀٽي، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن عائشه ارم هيٺ ٿي رهيو آهي ـ ٿرو بال ايونٽ ۾ مختلف ڪلاسن جي 9 ٽيمن حصو ورتو.

  • ٿر  جا911 استاد چونڊ ڊيوٽين تي روانا، ڪيترائي اسڪول بند

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر جي اسڪولن مان 911 استاد ھڪ مھيني لاءِ اليڪشن فارم ڀرڻ لاءِ ڊيوٽي تي روانا ڪيا ويا،مليل رپورٽن موجب ته ضلعي ۾ استادن جي سخت کوٽ بعد رهيل 3500 استادن مان 911 استاد ڊيوٽين تي لڳڻ سبب ڳوٺن ۾ اڪثر هڪ استاد تي قائم اسڪول بند رهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ باقي اسڪولن ۾ به استاد نه هئڻ ڪري ڪلاسز سخت متاثر ٿي رهيا آهن جنهن تي اختيارين ڪو خاص ڌيان ناهي ڏنو،اُنهي سلسلي ۾ گڏڪيل معلومات موجب ته 911 استاد ۾ جنهن ۾ 20 اسٽنٽ رجسٽريشن آفيسر،190سپروائيزر،511 ويريفائنگ آفيشل ۽ 130 ڊسپلي سينٽر انچارج مقرر ڪيا ويا آهن،اهڙي صورتحال بعد ٿر جي ڳوٺن ۾ هلندڙ اڪثر اسڪول بند ٿيڻ سميت تعليم سخت متاثر ٿي آهي،ڊيوٽين تي ويندڙ استادن کي به ڪا ٽي اي ڊي اي وغيره نه ٿو ڏنو وڃي،معاوضو به هڪ مهيني جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو آهي،15 نومبر کان شروع ڪيل هي مهم جيڪو 15 ڊسمبر تائين جاري رهندي،ضلعي انتظاميا ۽ تعليم کاتي پاران ٿر جي اسڪولن ۾ اُستادن جي اڳ ۾ ئي کوٽ هجڻ جي باوجود ڊيوٽين تي رُڳو استادن کي مقرر ڪرڻ سبب تعليمي نظام سخت متاثر ٿيڻ لڳو آهي،باقي ٻين سرڪاري کاتن جي ڪنهن به ملازم جي ڪٿي ڪا ڊيوٽي ناهي لڳائي ويئي نه ئي وري معاوضي تي ڪي نوجوان رکيا ويا آهن.

  • اسڪول استادن جي رٽائر ٿيڻ سبب بند ٿيا:سي ايم او

مٺي:سي ايم او ٿرپارڪر ابراهيم ڪنڀر عوامي آواز کي ٻُڌايو ته ٿر ۾ هن وقت وڏي تعداد ۾ استاد رٽائر ٿي ويا آهن اُنهي ڪري ڪيتريون ئي جايون اڳئي خالي پيل آهن باقي هن وقت اليڪشن مهم دوران ووٽ جي داخلا لاءِ مقرر استادن بعد ڪافي اسڪول بند ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن،تعليم ظاهر آهي متاثر ٿي آهي،تعليم کاتي مقرر استادن کي ريليو ڪيو آهي،ڄاڻايل ڪم هر وقت استاد ئي ڪن ٿا،پاليسي مطابق اِهو ڪم ٽيچرن حوالي ٿيل آهي،قومي ڪاز آهي،اُنهي کي به ڏسڻو پوندو،باقي اگر ٻي اک سان ڏسجي ته تعليمي نظام سخت متاثر ٿيو آهي.

  • خانپور ۾نئين آيل ٽي اي او عبدالستار آرائين ڪم شروع ڪري ڇڏيو

خانپور(ن ع آ) ٽي اي او پرائمري ميل  سائين عبدالستار آرائين چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ٽي اي او آفيس خانپور ۾ مھراڻ ٽيچرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن انتخاب مھر، منظور احمد بروھي ، استاد عبيدالله ٻرڙو، حاجي درياءَ خان سيٺار، استاد حاڪم ميراڻي ، استاد عطا حسين سومرو،استاد حبيب الرحمان بروھي، استاد عبدالستار آرائين ۽ ٻين پھچي ٽي اي او سائين عبدالستار آرائين کي مبارڪباد ڏيندي گلن جا هار ۽ نوٽن جا ھار پارايا، ان موقعي مھراڻ ٽيچرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان کي اميد آهي ته سائين عبدالستار آرائين جي ٽي اي او خانپور مقرر ٿيڻ کان اسڪولن ۾ تعليم کي بھتري ايندي جڏھن ٽي اي او ميل سائين عبدالستار آرائين جو چوڻ ھو ته اڳ ۾ به پڙھائي جي ميدان ۾ خدمت ڪئي آهي ھاڻي به ٽي اي او ٿيڻ کان بعد وڌيڪ ڪوششون ڪري بند پيل اسڪول کولرائيندس استاد تنظيمن جي اڳواڻن کي به گذارش آهي ته سڀ کان پھرين پنھنجي اسڪولن ۾ پڙھائي جي معيار تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي خانپور تعلقي جا  ٻچڙا تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻي سگھن .

  • ووٽن جي داخلا لاءِ 911 استاد مقرر ڪيا آهن:اليڪشن ڪمشنر ٿرپارڪر

مٺي:اليڪشن ڪمشنر ٿرپارڪر سليم دل عوامي آواز جي رابطي تي چيو آهي ته ووٽن جي داخلا لاءِ 911 اُستاد مقرر ڪيا ويا آهن جن کي اسان پابند ناهي ڪيو ته هُو اسڪول ٽائيم فيلڊ ۾ وڃن،اسان هدايت ڪئي آهي ته استاد اسڪول ٽائيم بعد به هي ڪم ڪري سگهن ٿا،قومي ڪم آهي،جنهن ۾ ڊيوٽيون هر وقت اُستادن جون لڳنديون آهن،اسان جيڪي به استاد جتي مقرر ٿيا آهن اُهي اُنهن ڳوٺن جا ئي رکڻ جو چيو آهي ۽ ڪم به مقامي سطع ڳوٺن جي اسڪولن ڪا استاد ڪن پيا،باقي هڪ مهيني جي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد في استاد کي 18 کان 20 هزار جي لڳ ڀڳ ڪو معاوضو ملندو،هن وقت ڪم هلي رهيو آهي،ماڻهو ڪوشش ڪري ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجا ووٽ داخل ڪرائن.

  • ووٽ داخلا ڪرائڻ جو ڪم قومي ڪاز آهي، :ڊي اي او پرائمري

مٺي:ڊي اي او پرائمري آپا ارشاد ڀٽي عوامي آواز جي رابطي تي ٻُڌايو ته هي قومي ڪم استادن جي حوالي هجي ٿو،اُنهي ڪري اُستاد ڪم ڪري رهيا آهن،باقي ٿر ۾ استادن جي کوٽ آهي اُنهي ڪري ظاهر آهي تعليم متاثر ٿيندي،پر اسان سڀني کي هي ڪم گڏجي ڪرڻو آهي،ڪٿي ڪٿي ضروري ڪو اسڪول ٿي سگهي بند ٿيو هجي،پر اسان وٽ جيڪي وي اي او مقرر ٿيل آهن اُهو هر ڳوٺ جا مقامي اُستاد ئي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.