نوشين کي ڪا به پريشاني نه هئي، اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي: والد هدايت الله شاهه

لاڙڪاڻو: مبينا خودڪشي ڪندڙ دادو جي رهواسڻ شاگردياڻي نوشين جي والد سيد هدايت الله شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي فون ذريعي واقعي جو اطلاع مليو ان تي اسين لاڙڪاڻي پهتا آهيون، مان ذهني دٻاءُ ۾ آهيان، واقعي جي ايس ايس پي طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي، هينئر لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيندو ان بعد ئي خبر پوندي ته هي سازش هئي يا خودڪشي؟ هن چيو ته ان کان اڳ به ڪاليج جي هاسٽل ۾ ٻه واقعا پيش اچي چڪا آهن. هن چيو ته منهنجي ڌيءَ نوشين ڪالهه مون سان فون تي رابطو ڪيو هو ۽ هن اهڙي ڪا ڳالهه ڪو نه ڪئي هئي ۽ هن ڪا به پريشاني ظاهر نه ڪئي. اسان کي به شڪ آهي ته ان جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.