ڪنڌڪوٽ ويجهو اسڪول زبون، 12 سالن کان مرمت نه ٿي، احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : ممتازسنڌي ) ڪنڌڪوٽ ڳوٺ حاجي اختيار گولو هيبت ٽو ۾ قائم اسڪول گذريل ٻارهن سالن کان زبون حالي جو شڪار ڳوٺ جي سوين معصومن جو مستقبل اونداهي طرف وڃڻ لڳو ضلع انتظاميا  پي پي ايل ۽ حد جي چونڊيل نمائندن  کي لکت ۾ اسڪول جي ٻيهر تعمير ڪرائڻ لاء درخواستون ڏيڻ جي  باوجود به ڪنهن جي ڪن تي جونء نه چري ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد عبدالنبي گولو ميڊيا کي ٻڌايو ته مها ٻوڏ 2010 ۾ اسڪول کي نقصان پهتو جيڪو هينئر مڪمل طور زبون حال آھي جنهن جي ڪري ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي هن چيو ته هڪ مهيني کان وٺي استاد به اسڪول ۾ مقرر نه ٿي سگهيو آهي هن چيو ته پهرين هڪ استاد مقرر ٿيل هو جيڪو رٽائر ٿي ويو اسان سنڌ حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي ڳوٺ ۾ قائم اسڪول کي نئين سر تعمير ڪرائي ڏئي ته جيئن اسان جي مستقبل جا معمار تعليم جي زيور سان مالا مال ٿين.

  • ٽنڊي مير علي جي اسڪول ۾سالياني ڪارڪردگي تقريب

ٽنڊوميرعلي (ن ع آ )آءِ بي اي هاءِ اسڪول ٽنڊو ميرعلي ۾سالياني ڪارڪردگي تقريب ٿي گذري جنهن ۾بهتر ڪارگردي ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ استادن ۾سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا تڪ جي ايم پي رئيس ساجدعلي ٻانڀڻ پاران هاءاسڪول کي اپ گريڊڪري هائرسيڪينڊري اسڪول ڪرائڻ ۽گرلس مڊل اسڪول ڏيڻ جواعلان تفصيل موجب گذريل ڏينهن آءبي اسڪول ٽنڊوميرعلي ۾سالياني ڪارگردي تقريب ٿي گذري جنهن ۾آءبي اي يونيورسٽي سکرجي ڊائريڪٽرنورحسن شرڊسٽڪ ايجوڪيشن آفيسرفيض علي جسڪاڻي ۽تعلقاميرواه ايجوڪيشن آفيسرغلام جعفرشرمهمان خاص تڪ جي ايم پي اي رئيس ساجدعلي ٻانڀڻ شرڪت ڪئي.

  • شهدادپور ۾ ڳوٺاڻي ۾ تعليم کاتي جي عملدارن خلاف احتجاج

شھدادپور (ن ع آ ) اسڪول لاء زمين ڏنم جنهن جو اجورو ڏيڻ جو چيو ويو  40 سال ٿيا آھن آسرن ۾ آھيان  در در دانهيو اٿم پر ڪير نه ٿو ٻڌي اڳوڻن استادن حاجي مڱريو خادم بروهي اسڪول جون پليٽون پکا کڻي پنهنجي گهرن ۾ رکيا اٿن فنڊ به کائي ويا اسڪول جي  وڻ  رکيا ويا جنهن لاء مٽي جي ٽالي آندي وئي جنهن جي قيمت 7000 وصول ڪئي وئي جڏھن ته مٽي هڪ هزار ۾ آندي وئي بيچون 1200 ۾ خريد ڪيون بعد ۾ بل2000 في بيچ جو لڳائي مال دٻو ڪيو ويو اهڙيون دانهون ڳوٺ پورو مڱريو جي پرائمري اسڪول جي اڳوڻي چيئرمين دودوخان مڱريو عوامي آواز جي عيوضي سان ڪيو هن چيوته اڳوڻي ايس ڊي او شمن دل جي وقت ۾ پرائمري اسڪول ڀورو مڱريو ۾ ايس ايم سي فنڊ ۾ وڏي پيماني تي خرد برد ڪري مال ڊٻو ڪيو ويو اسڪول ۾ ان وقت ڊيوٽي ڪندڙن استادن اسڪول جا پکا پليٽون پڻ پنهنجي گهر کڻي ويا هن چيوته اڳوڻي وزير مرحوم عبدالسلام ٿهيم اسڪول لاء پلاٽ گهريو ته توکي 2 نوڪري جا آڊر ڏيندس هڪ آڊر هفتي  ۾ ۽ ھڪ پوء ڏيندس نه نوڪريون مليون نه ماوضو مليو. هن انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.