پلاٽن جو ڪيس، سپريم ڪورٽ جي ججن جو به مفاد شامل ٿي ويو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪاري ملازمن کي پلاٽ ڏيڻ بابت ڪيس فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، هائوسنگ واري سيڪريٽري چيو ته پلاٽ الاٽ ڪرڻ جي حوالي سان پاليسي جوڙي آهي، پلاٽ صرف سرڪاري ملازمن کي ملندا، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پوءِ آفيسرن بدران صرف ملازمن کي ئي ملڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ جي ججن جو به انٽرسٽ ٿي ويو آهي، مفادن جي ٽڪراءُ کي  هن معاملي کان ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟ اڪرم شيخ ايڊووڪيٽ چيو ته عدالت جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ججن کي اسڪينڊلائيز ڪري رهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، 5 ڪروڙ جو پلاٽ 40 لکن ۾ ڏنو پيو وڃي، 3 ارب سرڪاري خزاني مان خانگي ماڻهن جي کيسن ۾ هليا ويندا، 11 هزار ماڻهو 1960ع کان انتظار ۾ آهن ته کين پلاٽ ملندو، سرڪار انهن کان زمينون زوري ورتيون آهن پر اڄ ڏينهن تائين معاوضو نه مليو آهي، عدالت وفاقي سرڪار ملازمن کي پلاٽن ڏيڻ بابت ڪيسز تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.