عالمي ڏهاڙي تي مهاڻن جون سنڌ ۾ ريليون، بنيادي حق نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي طرفان ماھيگيرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پبلڪ پارڪ تي ھڪ ريلي سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا محمد آدم گندرو، ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح، مرڪزي اڳواڻ عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، محمد عرس گندرو، محمد خان ملاح، محمد ھاشم سولنگي، خدابخش ملاح، ڪامريڊ گل حسن ملاح، محمد رمضان ملاح، غلام قادر ملاح، عرس ملاح، عبدالحڪيم گندرو، شفيع محمد ڪرناڻي ملاح، غلام حسين، محمد حسن ملاح فقير رفيق منڇري، مسڪين جمن ملاح، ڪامريڊ عبدالقادر ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، ريلي کي خطاب ڪندي ملاح اڳواڻن چيو ته ملڪ جي وڏي آبادي ماھيگيرن ملاحن تي مشتمل ھوندي به کين ھميشه  نظر انداز ڪري کين سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم رکيو ويو آھي، اڪثر پاڪستاني حدن مان پاڪستاني ماھيگيتن کي ھندستاني نيوي وارا گرفتار ڪري سالن جا سال جيلن ۾ واڙي ڇڏين ٿا، جن جا خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ھوندا آھن ته ٻئي طرف 1991ع پاڻي ٺاھ تحت سنڌو درياء ۾ پنھنجي حصي جو به پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، سنڌو درياء جي ٻنھي ڪنارن تي رھندڙ ماھيگير پاڻي نه ھجڻ ڪري بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن گهوٽڪي ۾ سنڌ ملاح يوٿ فورم ضلعي گهوٽڪي طرفان ملاحن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڳوٺ ڇتو ميراڻي کان پريس ڪلب تائين شعبان ملاح،سڪندر علي ميربحر، عبداللطيف ميراڻي،زاهد حميد،وڏيرو رضا محمد ميراڻي،غلام محمد ميراڻي،استاد محمد حسن ميراڻي،غلام ياسين ميراڻي، صدير ميراڻي.ڪامريڊ اڪرم ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽر سائيڪل ۽ ڪارن جي شاندار ريلي ڪڍي. سنڌ ملاح فورم ضلعي سکر پاران مقامي هوٽل ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ سماجي اڳواڻ شائستا کوسو، ملاح فورم سکر ڊويزن جي صدر شير محمد ميراڻي، ضلعي صدر سکر خورشيد ميراڻي، دلبر ميراڻي، عرض محمد ميراڻي، آفتاب ميراڻي، شريف ميراڻي، آفتاب ميراڻي سميت وڏي انگ ۾ مختلف شھرن جي ملاحن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملاح فورم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ملاح فورم جي پليٽ فارم تان سائين رکيو ميراڻي جي قيادت ۾ ملاحن جي حقن لاءِجدوجهد جاري آھي سجاول ۾ نوجوان ملاح آرگنائيزيشن طرفان عارب ملاح سليم ملاح عبداڪريم چنڊاڻي جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي،هنن چيو ته اڄ به اسان جا ڪيترائي ماهيگير هندستان سميت ٻين ملڪن جي جيلن ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.