ڪراچي ۾ هوائي گدلاڻ صبح ۽ شام وقت وڌيڪ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ هوائي گدلاڻ سڀ کان وڌيڪ صبح جي وقت هوندو آهي، جڏهن ٻار اسڪول وڃڻ لاءِ نڪرندا آهن.گاڏين ۾ رش سبب ان وقت ايئر ڪوالٽي خطرناڪ ٿي ويندي آهي، ماحولياتي ماهرن موجب صبح 8 کان منجهد 2 وڳي تائين اسڪولن جي وقت سبب شاهراهه فيصل، نرسري تي گدلاڻ سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي. صبح 11 وڳي کان 12 وڳي معاشي سرگرمي وڌڻ سبب حاجي ڪئمپ ۽ بوهرا پير جي هوا ۾ گدلا ذرا وڌي ويندا آهن. شام 7 کان 8 وڳي تائين لڪي اسٽار صدر ۾ بسون گڏ ٿيڻ سبب گدلاڻ وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.