ڪراچي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 2 ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو زخمي حالت خراب ۾ گرفتار /ڏسو صفحو 7 ڪالم 5ڪيو ويو، پوليس موجب ڦورو هڪ شھري کان ڦر لٽ ڪري رهيا هئا ته اوچتو پوليس اچي وئي ڦورن پوليس کي ڏسندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، زخمي ڦورو کي گرفتار ڪري علاج اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدارن جي قبضي مان موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون هٿ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.