ڏوڪري ۾ بجلي جي ڪرنٽ ۾ خانگي ملازم فوت

ڏوڪري ( ن ع آ )  ڏوڪريءَ ۾ بجليءَ جي مرمت دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب واپڊا جو خانگي ملازم فوت ٿي ويو آهي. ڳوٺ ڇَتو واهڻ ۾ بجليءَ جي مرمتي ڪم دوران واپڊا جي خانگي ملازم مختيار کي ڪرنٽ لڳو. ڪرنٽ لڳڻ سبب مختيار  موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن جو الزام آهي ته مختيار کي واپڊا عملي جي غفلت سبب ڪرنٽ لڳو آهي، ڇو ته هلندڙ ڪم دوران بجلي چالو ڪئي وئي. هوڏانهن فوتيءَ جو مڙھ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.