ميرپورخاص: عورت جو مڙس جي ظلمن خلاف احتجاج، انصاف جي گھر

ميرپورخاص ۾ عورت مڙس جي ظلمن خلاف دانهيندي انصاف جي گھر ڪئي آهي.

ميرپورخاص جي ڳوٺ محمد علي ھاليپوٽو جي رھواسڻ عورت شمشاد ڪنڀار ٻارن سان گڏ ايوان صحافت پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منھنجو مڙس لقمان ڪنڀار  ھر روز نشي لاءِ پيسا گھري ٿو پئسا نه ڏيڻ تي تشدد جو نشانو بڻائي ٿو.

هن چيو ته مڙس گھر جو خرچ به نٿو ڏئي، ڪپڙا سلائي ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان ٿي، وس وارن کي اپيل آهي ته ظالم مڙس خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.