انتهاپسندي جو سبب مدرسا نه اسڪول ۽ ڪاليج آهن: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته رياست جو ڪم قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ آهي پر ٽي ايل پي ڪيس ۾ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت ۽ رياست انتهاپسندي سان وڙهڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، رياست جو ڪم قانون جي علمداري يقيني بڻائڻ آهي پر ٽي ايل پي ڪيس ۾ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو.

هن چيو ته رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيڻ تي جٿا قانون هٿ ۾ کڻندا آهن، حڪومتي رٽ ختم ٿيندي ته انتهاپسند حاوي ٿي ويندا، نظريو هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن تي زبردستي ٿاڦڻ درست ناهي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي آمريڪا، ڀارت ۽ يورپ کان خطرو ناهي، اسان کي سڀ کان وڏو خطرو پنهنجي پاڻ کان آهي، انتهاپسندي جو سبب مدرسا نه اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جتان انتهاپسندي وجود ۾ آئي، اسڪولن، ڪاليجن ۾ انتهاپسندي جي تعليم ڏيڻ وارا استاد ڀرتي ڪيا ويا ۽ مقامي انتظامي نظام کي به تباهه ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.