پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن علي محمد ابڙو پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2007ع دوران منهنجي نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي جوابدار الله رکيو، رزاق موجائي ۽ ٻين بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس مان حد جي باقراڻي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدار خلاف داخل ڪرايو آهي، پر پوليس هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، آءُ پٽ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهيان پر افسوس جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، جنهن ڪري خدشو آهي ته پٽ جو خون لڙهي ويندو. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.