لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جو جيلر منشيات هلائي ٿو: قيدي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين جي سامان مان چرس ۽ هيروئن هٿ اچڻ وارو معاملو، الزام هيٺ آيل قيدي جيلر ۽ ٻين مٿان سنگين الزام لڳائيندي انصاف جي گهر ڪري ڇڏي، ويڊيو وائرل ٿي وئي. ان حوالي سان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدي علي محمد ڪلهوڙو جي سامان مان هيروئن ۽ چرس هٿ ڪري وليد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنهن کان پوءِ قيدي جي ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ قيدي علي محمد ڪلهوڙو ٻڌائي رهيو آهي ته آءُ 10 سالن کان جيل جو قيدي آهيان ڪالهه قيدي وقار جمالي حاضري تي ويل هو ته واپسي تي درگاھي ڪلهوڙو ماڙي ۾ چرس ۽ هيروئن ڏيکاري ان کي ماري مون مٿان بيهاريو ۽ وليد ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي پر منشيات جي مون کي خبر ئي ناهي جن وقار جمالي کي پيشاب پياري ڊسٽرڪٽ جيل موڪليو آهي. هن چيو ته جيل ۾ ڪو به نشو ناهي سڄو درگاھي هٿ سان ڪري ٿو جيڪو پئسا وٺي هيروئن ۽ هر شيءَ ڏئي ٿو جيڪا درگاھي ڪلهوڙو ۽ جيلر اشفاق ڪلوڙ جي وڏي سازش ۽ ناجائزي آهي هو سياست ڪن پيا جيئن جيل ۾ آپريشن ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.