رنگ مٽائي مرض جي شدت ٻڌائڻ واري سلائيڊ تيار

طب جي دنيا ۾ نت نيون تحقيقون ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان علاج جي لاءِ جدت ڏٺي ويندي آهي جڏهن ته اهو هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ روزاني جي بنياد تي جدت ڏٺي ويندي آهي.

اهڙي ئي خيال کي نظر ۾ رکندي ماهرن هڪ اهڙي سلائيڊ تيار ڪئي آهي جنهن جو رنگ مرض جي شدت جي ڪري مٽجي ويندو آهي.

اهڙي سلائيڊ کي نينو ايم سلائيڊ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن سان پلازمون فزڪس جي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ چارج ٿيل ذرڙن ۾ اليڪٽرون جيان ٿرٿراهٽ ٿيندي آهي.

ان ۾ چاندي جي ذرن جي سنهي تهه چاڙهي ويندي آهي ۽ آزاد ڦرڻ واري اليڪٽرون جي لاءِ فيلڊ بڻجي ويندي آهي.

چاندي جي سنهي تهه ۾ نينو پيماني جا سنهي سوراخن تي جڏهن روشني پوندي آهي ته اهي خلوي نمونن (سيمپل) مان گذرندي آهي ۽ اتي ڪيترائي رنگ ظاهر ٿيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.