ويڪسينيٽرن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ 12هين ڏينهن به بک هڙتال

ڪراچي(رپورٽر) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي سنڌ جي وئڪسينيٽرن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ 12 هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي،ان موقعي اڳواڻن مولابخش چانڊيو، خدا بخش قريشي، غياث الدين،نصرالله ميمڻ، سلطان ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن سالن کان وٺي ٽائيم اسڪيل ۽ اپگريڊ لاءِ تحريڪ هلائي رهيا آهيون، پر اختياريون ڪنهن به قسم جو ڪو نوٽيس نه ٿيون وٺن،هنن چيو ته وئڪسينيٽرن ملازمن پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج هلندڙ آهن،هنن چيو ته سنڌ حڪومت مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي پر پوءِ اختياريون پنهنجي زبان تان ڦري ويون آھن هنن وڌيڪ چيو ته ٽي سو ڇٽيهه ويڪسينيٽرن کي جبري برطرف ڪيو ويو آهي، جن کي پڻ بحال ڪيو وڃي هنن چيو ته اسان 15 تاريخ کان 27 تاريخ تائين ايم آر جي ڪمپين جو بائيڪاٽ ڪيون ٿا، جنهن لاءِ نان ٽيڪنيشن ماڻهن کي چونڊيو ويو آهي، هن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته اگر مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ کي وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.