رياست اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت ٿي وئي، سياسي پارٽين کي مزاحمت ڪرڻي پوندي: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ+صادق سومرو) ملڪ جي ناليوارن سياستدانن، قانوندانن، سماجي اڳواڻن چيو آهي ته رياست  سول ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت ٿي وئي آهي، سياستدان به اشارن جي انتظار ۾ رهن ٿا، ان ڪري عوام جو به اعتماد ختم ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ تبديلي لاءِ معاشي ۽ بنيادي ڍانچو تبديل ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه ڪراچي جي آرٽ ڪائونسل ۾ سياستدان، ليکڪ اختر حسين ايڊووڪيٽ جي ڪتاب” سماجي تبديلي جي سياست“ جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر رضا رباني چيو ته ملڪ جي سياسي، سماجي پارٽين ۽ عوام مزاحمت وارو ڪلچر ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ ۾ تبديلي لاءِ مزاحمت ڪرڻي پوندي، هن چيو ته اهڙا به طبقا آهن جن جو هر دور ۾ اشرافيه سان واسطو رهيو ۽ رهندو، پاڪستان جو بنياد ئي وفاق تي رکيو ويو، سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي ڳٺ جوڙ اڄ به جاري آهي، ان ڪري ملڪ جون ترجيحون ئي تبديل ٿي ويون، هن چيو ته سموري بگاڙ ۾ عدليه ۽ سياسي پارٽيون شامل هيون، صوبائيت جي ڳالهه ڪندڙن کي غدار قرار ڏئي سزائون ڏنيون ويون، هن چيو ته غريبن ۽ اميرن لاءِ انصاف جو معيار به الڳ آهي، مشرف پرڏيهه هليو ويو، بگٽي جا قاتل آزاد ٿي ويا، باقي غريبن لاءِ قانون آهي، ان تي عمل ڪندي غريبن کي ڏنڊو ڏنو ويندو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت عوام پاڻ کي رياست جو حصو نه ٿو سمجهي، ڇاڪاڻ ته رياست سندن ماءَ نه بڻجي سگهي آهي، اها ماٽيلي ماءُ ٿي وئي آهي، اها پاڻي، بجلي سميت سيڪيورٽي به نه ٿي ڏئي، هن چيو ته ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور تي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي، سول ملٽري بيورو ڪريسي جيڪو ڪجهه ڪري ٿي اهو پارليامينٽ کي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، سڀ فيصلا جيڪي پارليامينٽ کي ڪرڻا آهن اهي ٻاهر ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته آءِ ايم ايف، سعودي عرب  توڙي ٽي ٽي پي سان جيڪي معاهدا ڪيا ويا انهن بابت عوام کي يا پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي.ڪتاب جي ليکڪ اختر حسين ايڊووڪيٽ ڪتاب ۾ تاريخن جا حوالا نه ڏيڻ واري ڪوتاهي جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪجهه مضمونن جون تاريخون ياد نه رهيون ڪجهه مضمون پڙهڻ سان لڳندو ته اڄ جي صورتحال تي آهن،ڇاڪاڻ ته صورتحال اڄ به ساڳئي آهي، هن چيو ته موجوده حڪمران چون ٿا ته مهانگائي ۽ ملڪي صورتحال جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن، اها ڳالهه هر ايندڙ ماضي جو وزيراعظم ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته بنيادي انساني زندگي گذارڻ لاءِ سهولتون ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، صورتحال ته اها آهي جو لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، هزارين اسڪول بند ڪيا پيا وڃن، جيڪي اسڪول هلن پيا انهن ۾ واش رومن، بجلي، فرنيچر جا مسئلا آهن، هن چيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو،سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو ته معاشري ۾ تبديلي مٿان کان نه ايندي سوسائٽي ذريعي تبديلي آڻڻي پوندي، بدقسمتي سان ملڪ ۾هر مووومينٽ پويان هڪ جنرل آهي، ان صورتحال مان هاڻي ٻاهر نڪرڻو پوندو، هن چيو ته سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي وڪڙ مان نڪري عوام جي ڳالهه ڪن تڏهن ئي معاشري ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته سياستدانن ۾ سياسي ادب پڙهڻ جو رجحان گهٽجي ويو آهي، نواز شريف، آصف زرداري يا عمران خان تقريرن يا ڳالهين ۾ ڪنهن ڪتاب جو حوالو نه ڏنو آهي، هن وقت ملٽري جي ماتحت  رياست آهي، هن چيو ته قائد اعظم جي وڃڻ بعد ملٽري ۽ سول ڊيموڪريسي رياست تي بالادستي حاصل ڪري ورتي، جمهوريت کي نقصان اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ سان ٿيو، هن چيو ته ملڪ کي علم جي ضرورت آهي، جنهن بنياد تي اڳتي وڌڻ جو رستو ملي ٿو.عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر يوسف مستي خان چيو ته ملڪ ۾ عوام جي حق ۾ آئين آڻڻ کانسواءِ تبديلي نه ايندي، سنڌ ۽ بلوچستان رياست ۾ معاهدي تحت شامل ٿيا، قائد اعظم جي تقرير تي عمل ڪيو وڃي، ان کانسواءِ ملڪ نه هلندو، هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ مذهبي پارٽيون طاقتور  ٿي ويون آهن، انهن سان وزيراعظم ڳالهيون پيو ڪري، هن چيو ته خوفناڪ صورتحال مان گذري رهيا آهيون، افغانستان جي معاملي کانپوءِ خطي ۾ جنگ واري صورتحال آهي، جنهن ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان تي وڏا اثر پوندا، هن وقت به سڀ فوج طرف پيا ڏسن، هن چيو ته وڪيل جيستائين کاٻي ڌر ۾ نه ايندا تبديلي نه ايندي، عوام هاڻي سياسي پارٽين تي ڀروسو نه ٿو ڪري، هن چيو ته سرداري نظام خلاف ڪم ڪندڙ اڪبر خان بگٽي ۽ ٻين کي دٻايو ويو، جمهوري قوتن کي ملڪ ۾ پروان چڙهڻ ئي نه ڏنو ويو آهي، سياسي پارٽين جي قيادت به فوج جي اشارن جو انتظار ڪندي رهندي آهي، هن چيوته نواز شريف جي آخري بيان سان سهمت آهيان ته فوج کي بيرڪن ۾ وڃڻ گهرجي،اهڙو بيان نواز ليگ قيادت بدران آصف علي زرداري کي ڏيڻ گهرجي ها،تجزئي نگار صحافي مظهر عباس چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ مان گهڻو ڪجهه سکي پئي سگهياسين، پر ان تحريڪ مان مليل سياسي شعور کي بينظير ڀٽو ضايع ڪيو، ان وقت عوام بينظير ڀٽو جي پويان هو، هوءَ ان وقت اسٽيبلشمينٽ کي دٻائي عوام جي حق ۾ ڪم ڪري پئي سگهي پر ائين نه ڪيو ويو الٽو پاڪستان جي سياست کي اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪيو ويو.هن چيو ته ارڙهين ترميم جا ڪهڙا ثمر ملن پيا، ڇا شاگرد يونين، پورهيت يونين سنڌ ۾ بحال آهي؟ ان ۾ ڪهڙي قوت رڪاوٽ آهي؟ سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر سڌارا آڻڻا پوندا، هن چيو ته عدليه  اي پي ايس ڪيس ۾ وزيراعظم کان ته پڇاڻو ڪيو پر راحيل شريف کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، ملڪ تيزي سان انتها پسندي ڏانهن وڌي پيو، جمهوريت پسند صرف انهن ڏانهن ڏسن پيا جيڪي پاڻ جوابدار آهن.زيبست جي ڊين رياض احمد شيخ چيو ته جي ٽي روڊ تي خندقون ترقي پسند سوچ کي روڪڻ لاءِ کوٽيون ويون، 2023 جي اليڪشن لاءِ خندقون دفنائي اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته سينٽرل پنجاب صنعتي طور مضبوط ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ پنجاب کي چئلينج ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ ۾ سماجي تبديلي ايوب خان جي دور کان شروع ٿي، ان کي دٻائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جهاد ۽ مدرسا آندا، سياسي پارٽين کي يرغمال بڻايو ويو، هن چيو ته اليڪشن پئسن تي نه اهليت تي هجڻ گهرجي، ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري بڻائڻ کان پاسو ڪري چونڊ نظام تبديل ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته 2023 جي اليڪشن ڀيانڪ هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.