پاڪستان ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون: افغان پرڏيهي وزير

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته امارات اسلامي جو ڪو فرد نه پر پاليسي طور سڄي امارات اسلامي پاڪستاني حڪومت ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري رهي آهي، يقين آهي ته ڳالهين جو هاڪاري نتيجو نڪرندو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي امير خان متقي چيو ته امن قائم ڪرڻ ۽ جنگ جو خاتمو سڀني جي فائدي ۾ آهي، اسان جي حڪومت جو ڪردار ٽياڪڙ جو آهي، تنهن ڪري ڪنهن ڌر ڏانهن جهڪاءُ ظاهر ڪرڻ مناسب ناهي.

سندس چوڻ هو خطي ۾ ڪنهن قوت کي اجازت نه ڏينداسين ته ماڻهن کي هڪٻئي خلاف اُڀاري.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري به ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي تصديق ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.