ٽجوڙي هائيٽس چئن هفتن اندر ڪيرايو: لکت ۾ فيصلو جاري

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٽجوڙي هائيٽس ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، فيصلو چيف جسٽسآف پاڪستان جسٽس گلزار احمد لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چئن هفتن اندر سڄي عمارت ڊاهي ملبو هٽايو وڃي، چئن هفتن جو ٽائيم 29 آڪٽوبر سان شروع ٿيندو، فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽجوڙي هائيٽس انتظاميا پنهنجا فائل ۽ سامان ڪڍي ڇڏي، بلنگ فائل ڪراچي جي ڪمشنر جي نگراني ۾ هوندا، ڪمشنر بڪنگ فائلن جي مڪمل انٽري ٺاهيندو جنهن ۾ مڪمل ايڊريس ۽ مڪمل قيمت جي حوالي سان داخلا رکي وڃي، ڪراچي ڪمشنر رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بڪنگ ڪرائيندڙ کي ٽن مهيننن اندر معاوضو ڏنو ويندو،ٽجوڙي هائٽس تي عمل يقيني بڻايو وڃي، عمل نه ڪرڻ تي انتظاميا جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ان سموري عمل جي نگراني ڪراچي ڪمشنر ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.