شهدادپور ۾ عدالت زيادتي ڪيس ثبوت نه ملڻ تي خارج ڪري ڇڏيو

شهدادپور (ن ع آ) شهدادپور ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ناري کي  اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي شهدادپور جي ملدسي چيڪ پوسٽ تي ڳوٺ ڪمالاڻي واسڻ مسمات نغمه زال حبدار خاصخيلي الزام هنيو هو ته کيس هرهڪ غلام شبير خاصخيلي. سهراب. عبدالستار. ۽ خدا ڏنو ويٺل ڳوٺ آچر خاصخيلي سندس والد جي گهر ۾ داخل ٿي کيس تشدد بعد اجتماعي ذيادتي جو نشانو جي ڪوشش ڪئي آهيهوڏانهن ايڊيشنل سيشن جج شهدادپور عاصم جميل ميمڻ جي عدالت وڪيل طاهر ياسين راجپوت جي دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي درخواست رد ڪندي مذڪوره چئين ئي جوابدارن کي ڏوهه کان آجو قرار ڏئي ڇڏيوٻئي طرف شبير خاصخيلي سهراب خاصخيلي خداڏنو ستار خاصخيلي پريس ڪلب شھدادپور ۾ پهچي ميڊيا کي ٻڌايوته مزڪوره عورت ٻيهر اسان مٿان ڪو ڪوڙو الزام هڻي اسان ڪنهن ڪيس ۾ فاسائي سگهي ٿي ان لاء اسان کي خطرو رهي ٿو اختياريون اسان کي تحفظ ڏيارين.

  • صحافي اجي لالواڻي جي قتل جي اي ٽي سي ۾ ٻڌڻي

سکر(رپورٽر) صحافي اجي لالواڻي جي قتل وارو ۾ جوابدار ڄاڻايل ٻن جوابدارن اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪميٽي عنايت شاهه ۽ احسان شاهه پاران داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران جوابدار موقف اختيار ڪيو ته اسان جا نالا جي آءِ ٽي پاران ڪيس مان خارج ڪيا ويا هئا پر جنهن کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اسان جا نالا ٻيهر ڪيس ۾ شامل ڪيا، عدالت جوابدارن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ اسپيشل ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي جوابدارن کي ٻيهر دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ٻنهي جوابدارن مٿان صالح پٽ ۾ قتل ٿيل صحافي اجي لالواڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث هجڻ جو الزام هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.