ناظم جوکيو، فهميده سيال قتل: لاڙڪاڻو ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار طرفان عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان

 

لاڙڪاڻو + قمبر (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ملير ۾ نوجوان ناظم جوکئي جي قتل ۽ قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ عورت فهميده سيال جي قتل خلاف لاڙڪاڻو ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سڀاڻي عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان لاڙڪاڻو  ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ايوب خانزاده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو بار ڊويزن ۽ قمبر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ قتل ٿي ويل فهميده سيال ۽ ملير ۾ قتل ٿي ويل ناظم جوکئي جي واقعي سبب خميس ڏينهن عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.