ايس پي ايس سانحي جي ذميوارن جو پتو لڳايو ويندو: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اي پي ايس حملي جي اصل ڪردارن جو اڳ ئي خاتمو ٿي چڪو، جن جي اخلاقي ذميواري هئي، انهن جو به پتو لڳايو ويندو.

صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ حالتون معمول تي اچڻ شروع ٿيون، وزيراعظم قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿو، سانحي بابت چئن هفتن ۾ رپورٽ تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪنداسين.

هن چيو ته اسان وٽ وڏو آسان دڳ هو، اسان ان وقت جي وزيراعظم ۽ گهرو وزير تي ذميواري وجهي پئي سگهياسين پر اسان نيشنل ايڪشن پلان کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي تحريڪ انصاف جو آئين ۽ قانون جي حڪمراني جو منشور عملي طور لاڳو ڪري ڏيکاريو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.