ٽنڊي محمد خان ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان ويجهو ڳوٺ ارباب حاجي محمد سمون  جي رهواسي 40 ورهين جي نوجوان محمد بخش پٽ علي محمد ڍول جو سسي ڪپيل لاش ڳوٺ ڀرسان ڪمند جي فصل مان هٿ آيو آهي ڳوٺاڻن جي اطلاع تعلقي ٿاڻي جي پوليس رضاڪارن معرفت لاش کي سرڪاري اسپتال آندو ويو ، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، وارث ڀائرن بهاول ڍول،  حاجي ڍول، نور محمد ڍول اسپتال ٻاهران سندن ڀاءُ جي قتل واري واقعي خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته 11 ڏينهن اڳ اسان جي ڀاءُ جو جاني سمون سان معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو هو ، جنهن جو فيصلو ٻئي ڏينهن رکيل هو پر سمان برادري ان فيصلي ۾ نه آئي ، انهي ڏينهن جي شام کان اسان جو ڀاءُ محمد بخش ڍول گم ٿي ويو هو ، جنهن جي اسان ڪافي ڳولا ڪئي پر هٿ نه اچي سگهيو ، اڄ ڀاءُ زمين تان گاھ ڪرڻ ويو ته ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪمند ۾ نوجوان جو لاش پيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.