ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به في تولي سون جي قيمت ۾ 300 رپيا واڌ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 300 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 23 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 5 هزار 710 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر گهٽ ٿي 1817 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.