اوپو جو 64 ميگا پڪسل ڪيمرا سان ليس نئون فون وڪري لاءِ پيش

اوپو هڪ نئون سمارٽ فون ”ڪي 9 ايس“ پيش ڪري ڇڏيو.

”ڪي 9 پرو“ جو سستو متبادل فون آهي جڏهن اورجنل ”ڪي 9“ کان وڌيڪ بهتر آهي.

فون جي اندر سنيپ ڊراگون 778 پراسيسر موجود آهي.

ان فون ۾ سيريز جي ٻين فونز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏي 6.59 انچن جي ڊسپلي موجود آهي.

اها آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي آهي جنهن سان گڏ 120 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ 240 هرٽز ريفريش ٽچ سيمپلنگ ريٽ ڏنو ويو آهي.

فوٹو بشکریہ اوپو

فنگر پرنٽ فون جي سائيڊ ۾ آهي جڏهن ته اسڪرين جي تحفظ لاءِ پانڊا گلاس پروٽيڪشن استعمال ڪيو ويو آهي.

فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ آهي.

ان سيٽ اپ جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرائون موجود آهن.

ڪمپني موجب مين ڪيمرا 4ڪي وڊيو 30 فريم في سيڪنڊ تي رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو.

وڏي دسپلي سبب فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ جي وڏي بيٽري ڏني وئي آهي جنهن سان گڏ 30 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود آهي ۽ 59 منٽن ۾ سئو سيڪڙو بيٽري چارج ٿي سگھي ٿي.

فوٹو بشکریہ اوپو

ٻين فيچرز ۾ هيڊ فون جيڪ، 5 جي سپورٽ، واءِ فاءِ 6 ۽ بلوٽوٿ 5.2 شامل آهن.

اوپو جي 9 ايس ۾ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

اهڙيءَ طرح ورچوئل ريم جي فيچر سان ريم جي گنجائش کي 5 جي بي تائين وڌائي سگھجي ٿو جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ڪلر او ايس 11.2 سان ليس ڪيو ويو آهي.

اها فون سڀ کان اڳ چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي جنهن جي 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج  واري ماڊل جي قيمت 1700 يو آن (45 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل لاءِ 1900 يو آن (51 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.