هاءِ وي لاوارث ڇڏيا ويا، اين ايڇ اي کان ته ڪراچي، حيدرآباد روڊ نه پيو ٺهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اين ايڇ اي ڪو معياري ڪم نه پئي ڪري، لاهور – اسلام آباد موٽر وي کي ڇڏي باقي سڀني هاءِ ويز کي  لاوارث ڇڏيو ويو آهي. پريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ آر سي ڊي هاءِ وي زبون حال هجڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت سڄي ملڪ جي هاءِ ويز بابت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اين ايڇ اي چيئرمين کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ٻڌايو وڃي ته ڪراچي – ڪوئيٽا روڊ تي مسافرن جي تحفظ لاءِ پوليس مقرر ڇو ناهي ڪئي وئي؟ هاءِ ويز جي خراب حالت سان ماڻهن جي زندگين جي خطرا آهن، ڪوئيٽا ڪراچي روڊ جي حالت کي 100 سيڪڙو تائين درست ڪيو وڃي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز تي ريفليڪٽڙز، مارڪنگ لائنز غير معياري آهن، روڊ تي ڪيل مارڪنگ هڪ برسات جي ور چڙهي ويندي اهي، چترال گلگت روڊ ڪاغذن ۾ مڪمل ظاهر ڪيو ويو پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ڪوئيٽا روڊ کي موٽر وي جيان ڇو نٿو ٺاهيو وڃي؟ لاهور اسلام آباد موٽر وي کي ڇڏي باقي سڀني هاءِ ويز کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، چترال گلگت روڊ تي رڳو پٿر ئي پٿر آهي، گاڏي نٿي هلي سگهي.جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته هر سال هاءِ ويز تي اربين رپين جا خرچ ڏيکاريا ويندا آهن، اين ايڇ اي کان ڪراچي حيدرآباد روڊ نه پيو ٺهي، اٿارٽي ڪو معياري ڪم نه پئي ڪري.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.