سڳيون : ڳوٺ نهال خان مشوري جو گرلز پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم،احتجاج

سڳيون ڀرسان ڳوٺ نهال خان مشوري جو گرلز پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم هجڻ ڪري  400 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جو مستقبل داء تي لڳي ويو،  ڳوٺاڻن ۽معصوم ٻارڙن پاران استاد ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ويو ته سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي اسڪول بند پيو آهي جنهن جو ذميوار اي ڊي او ايجوڪيشن غلام سرور سهتو آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته  اي ڊي او ايجيوڪيشن سرورسهتو هڪ بااثر سان ملي ڀڳت ڪري اسڪول جا ايندڙ فنڊ هڙپ ڪري رهيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي،  هنن اعلي اختيارين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ تعليم جي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جي جاچ ڪرائي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ھوڏانهن  اي ڊي او سرور سھتو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي حد ۾ ڪيترائي بند پيل اسڪول کولرايا آهن، منهنجي مٿان الزام اجايا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.