ڪشمور ۾نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

ڪشمور( ڊر ) ڪشمور ۾ نوجوان پاڻي جي نلڪي ڀرسان مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، خبر موجب ڪشمور جي عيد گاهه پاڙي ۾ پاڻي جي نلڪي ڀرسان لڳل موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب گيھل پور واسي 20 سالن جو منير احمد شر ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ وارثن موجب مينهن جي واڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيت نوجوان پاڻي جي نلڪي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.