ٽالپر وڏا لڳ قبرستان تي قبضو، رهواسين جو احتجاج

ٽالپروڏا   ( ن ع آ ) ٽالپروڏا لڳ گل فقير جي قديمي قبرستان جي زمين ايراضي 5 جريب 7 ويسا آهي، جيڪا گهٽجي وڃي تقريبن 3 جريب بچي آهي، هتان جي ڳوٺاڻن محمد رفيق گل، حڪيم اڄڻ، محمد صديق گل، شعيب اختر گل، استاد جنسار ڦل، محمد عرفان ڦل  عطا محمد ڦل ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته قبرستان جي چوديواري نه هجڻ هجڻ ڪري آس پاس جي زمينن وارا قبرستان جي زمين تي قبضو ڪندا ٿا وڃن قبرستان جي ڪافي زمين تي قبضو پڻ ٿي چڪو آهي ڀر ۾ زمينو هجڻ ڪري چوپايو مال به قبرستان ۾ آساني سان داخل ٿي ٿو وڃي، جنهن جي ڪري ڪافي قبرون مسمار ٿي چڪيون آهن، قبرن جي بيحرمتي پڻ برقرار آ اسان ڊي سي خيرپور ، اي سي ٺري ميرواهه کي اپيل ٿا ڪيون ته قديمي قبرستان جي ماپ ڪرائي چار ديواري  ڏياري ڳوٺاڻن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.