معذور عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي نه ڏيڻ تي نادرا کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ معذور عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عدالت کي  ايڊووڪيٽ عثمان فاروق ٻڌايو ته پي ءُ گڏ نٿو رهي ان ڪري ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي پئي. .وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڌيءُ  معذور پيدا ٿيڻ ڪري پيءُ ننڍپڻ ۾ ئي کيس ڇڏي ڏنو. عورت معذورهجڻ ڪري نادراآفيس جا چڪر لڳائي رهي آهي. ماءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهي. عدالت معذور عورت جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي نادرا عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو آهي .عدالت جي ٻاهر معذورعورت ڳالهائيندي چيو ته مان عدالت جي شڪر گذار آهيان .مان مجبور ٿي عدالت ۾ آئي آهيان .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.