ٿر ۾خوراڪ جي کوٽ سبب 3 ٻارڙا علاج دوران فوت

مٺي (بيوروچيف) ٿر ۾ ٻارن جي موت جو رڪجي نه سگهيو، سول اسپتال مٺي ۾ 3 ٻارڙا فوت، غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب ڏيڍ مهيني جو واشوُ ولد سرُوپ، 4 سالن جي روشانا ڌي هيروڀيل ۽ ڪيلاش ڪمار جي تازي ڄاول ٻارڙي دم ڏنو. جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني  فوتي ٻارن جو انگ 27 ۽ ھلندڙ سال 426  ٿي ويو آھي، جڏهن ته 122 ٻارڙن جو علاج هلندڙ ٻڌايو وڃي ٿو. سول اسپتال ۾ دوائين جي کوٽ توڙي ٻين سهولتن جي اڻهوند برقرار آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.